واهي پانڌي ۾مين پرائمري اسڪول جي زبون حال عمارت جي مرمت نه ٿيڻ خلاف شاگردن ۽ استادن احتجاجي مظاهرو ڪيو

واهي پانڌي ۾مين پرائمري اسڪول جي زبون حال عمارت جي مرمت نه ٿيڻ خلاف شاگردن ۽ استادن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

شاگردن ۽ استادن هيڊ ماستر علي شير رستماڻي، حميد لغاري، علي سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته ڪيتري ئي وقت کان وٺي اسڪول جي مرمت نه ٿي آهي، جنهن سبب اسڪول مڪمل طور تي زبون حاليءَ  جو شڪار آهي.

هنن  تعليم واري وزير، سيڪريٽري تعليم۽ ٻين کان مطالبو ڪيو آهي ته اسڪول جي زبون حال بلڊنگ جي مرمت ڪرائي،امڪاني نقصان کان بچايو وڃي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*