سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ عوام سان ظلم آهي

سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ عوام سان ظلم آهي، مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ۽ فواد چوڌري کي رڳو سنڌ حڪومت ڪيرائڻ جي ڳڻتي لڳل آهي، فواد چوڌري ڪڏهن مهانگائي ۽ بيروزگاري تي به بيان ڏئي، عوام جو پِٽون ۽ پاراتا پي ٽي آءِ حڪومت کي ٻوڙي ڇڏينديون.

مرتضيٰ وهاب سڌ سماءَ واري وفاقي فواد چوڌري جي سنڌ حڪومت بابت بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته فواد چوڌري کي پنهنجي نوڪري بچائڻ کان وڌيڪ ڳڻتي سنڌ حڪومت کي ڪيرائڻ جي آهي.

مرتضيٰ وهاب چيو ته انيڪ بحرانن جي ور چڙهيل پي ٽي آءِ حڪومت سنڌ حڪومت کي ڪيرائڻ جا خواب ڏسي رهي آهي پر اهي خواب ڪڏهن به پورا نه ٿيندا.

سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ عوام سان ظلم آهي، عوام جون پٽون ۽ پاراتا پي ٽي آءِ حڪومت کي ٻوڙي ڇڏينديون……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*