قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جوچوڻ آهي ته ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ سلڪيشن ڪميٽي سان گڏ جاڻي ڪرڻي آهي

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جوچوڻ آهي ته ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ سلڪيشن ڪميٽي سان گڏ جاڻي ڪرڻي آهي ، ٽيم جا سينيئر رانديگر مڪمل فٽ ۽ ورلڊ ڪپ لاءِ تيار آهن.

گڏيل عرب امرات ۾ آسٽريليا خلاف سيريز مڪمل ٿيڻ بعد قومي ٽيم جا سمورا رانديگر ۽ ڪوچ مڪي آرٿر لاهور پهچي ويا.

پريس ڪانفرنس ڪندي مڪي آرٿر چيو ته آسٽريليا هٿان شڪست تي کيس مايوسي ٿي، پر دوري ۾ پنج سنچريون اسڪور ٿيون.

هن چيو ته آسٽريليا خلاف سيريز ۾نوجوان رانديگرن کي ڀرپور موقعو فراهم ڪيو، جئين ٽئلنِٽ کي ڏسي سگهجي.

هن وڌيڪ چيوته ون ڊي سيريز ۾ ڪيتريون ئي مثبت ڳالهيون سامهون آيون،عابد علي جي ڪارڪردگي گهڻو متاثر ڪيو ۽ ورلڊڪپ جي اسڪواڊ بابت هو سڀئي واقف آهن.

قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ چيو ته ورلڊڪپ کان پهرين يارنهن ميچز ملنديون جنهن مان ورلڊڪپ لاءِ ڀرپور تياري ڪبي.

هن وڌيڪ چيو ته رانديگرن کي فٽنس جي معيار تي پورو لهڻو پوندو ،فٽنس تي ڪڏهن به ڪمپرومائيز نه ڪبو.

مڪي آرٿر چيوته رانديگر سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪن،جنهن تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ سليڪشن ڪميٽي سان ويهندس ۽ رانديگرن جي فٽنس ٽيسٽ 14اپريل ٿيندي.

مڪي آرٿر وڌيڪ چيوته سرفراز احمد وڪيٽ ڪيپر جي حيصيت سان پهرين ترجيح آهي ۽ هو پاڪستان جو ڪپتان آهي،جڏهن ته محمد عامر وڏي ميچ جوبالر آهي، پر هن وقت هوسٺي فارم ۾ نه آهي.

——————-

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽسمين عمر اڪمل آسٽريليا خلاف ميچ ۽ سيريز ۾ شڪست جو غم دبئي ۾ نائيٽ ڪلب ۾ ملهايو ۽ سندس اهڙي حرڪت تي پي سي بي پاران ميچ جو 20 سيڪڙو ڏنڍ مڙهيو ويو آهي.

عمر اڪمل نائيٽ ڪلب ۾ وڃڻ جي ڪنهن کان به نه اجازت ورتي ۽ نه ئي ڪنهن کي آگاهه ڪيو۽ هن پنهنجي وڊيو ٺاهي پاڻ ئي اپلوڊ به ڪري ڇڏي.

پي سي بي ذريعن مطابق عمر اڪمل ٽيم منيجمنٽ جي اجازت بغير ۽ ڪرفيو ٽائم جي پاپندي نه ڪندي دبئي۾ نائيٽ ڪلب ۾ هڪ ميوزڪ پروگرام ۾ هليو ويو هو.

حيرت جي ڳالهه اها آهي ته عمر اڪمل نائيٽ ڪلب ۾پاڻ پنهنجي وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي اپلوڊڪئي.

پاڪستاني ڪرڪيٽر پنهنجي حرڪت تي معافي گهري ورتي آهي، پر سزا جي طور کيس ڏنڍ ڀرڻو پوندو.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي منيجر طلعت علي عمر اڪمل مٿان ميچ فيس جو 20 سيڪڙو ڏنڍ مڙهيو آهي ۽کيس اڳتي اهڙي حرڪت نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پي سي بي جي ايم ڊي وسيم خان چيو آهي ته خوشي جي ڳالهه اها آهي ته عمر اڪمل پنهنجي غلطي تسليم ڪندي واقعي تي معافي گهري ورتي آهي.

——————-

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻُو ڪپتان ۽آلرائونڊر محمد حفيظ هٿ جي سرجري ڪرائڻ بعد انگلينڊ مان واپس لاهور پهچي ويو آهي.

محمد حفيظ پنهنجي آنڳوٺي جي ٻئين فالواپ سرجري ڪرائي واپس آيو آهي.

واضح رهي ته محمد حفيظ پي ايس ايل فور ۾ لاهور قلندر پاران کيڏندي زخمي ٿي پيو هو، جنهن بعد هو ايونٽ کان ٻاهر ٿي ويو هو.

محمد حفيظ کي ڊاڪٽرن فالواپ سرجري بعد ٻن هفتن جي آرام جو مشورو ڏنو آهي.

——————-

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيوآهي ته ورلڊڪپ کان پهرين ست رانديگرن کي آرام ڪرائڻ لازمي هو، پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته ڪينگروز جي ٽيم کي اهميت نه ڏني.

دبئي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته 12سيپٽمبر کان رانديگر مسلسل کيڏي رهيا آهن ۽جيڪڏهن رانديگرن کي آرام نه ڏيون ها ته اهي هيٺ ڪري سگهن پيا.

هن چيو ته جولاءِ  مهيني ۾ زمبابوي سيريز ۾ نوجوان رانديگرن کي آزمائڻ جوڪوبه فائدو نه هو.

مڪي آرٿر جوچوڻ هوته هو انگلينڊ خلاف رٿيل سيريز کان پهرين رانديگرن کي آرام ڪرائڻ چاهن پيا ۽ٻين رانديگرن کي موقعو فراهم ڪرڻ به لازمي هو.

مڪي آرٿر چيو ته آسٽريلياخلاف ون ڊي سيريز ۾ پاڪستاني ٽيم کي ميچ فنش ڪرڻ وارن بيٽسمينن جي شدت سان ڪمي محسوس ٿي ۽ سندس ڀرپور ڪوشش آهي ته انگلينڊ خلاف رٿيل سيريز ۾ سمورين خامين تي ضابطو آڻڻ لاءِ خاص طور تي ڪم ڪيو ويندو.

——————-

ڀارت ۾جاري انڊين پريميئرليگ  هڪ ڀيرو ٻيهر اسپاٽ فڪسنگ جي الزامن جي ور چڙهي وئي آهي، آءِ پي ايل جي باني للت مودي ليگ ميچز جي شفافيت تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن.

آءِ پي ايل ۾ ڪولڪته نائيٽ رائيڊر ۽ دهلي ڊيئر ڊيولز جي ٽيمن وچ۾ کيڏي ويل ميچ تي اسپاٽ فڪسنگ جا الزام لڳي ويا.

اسٽمپ مائيڪ ذريعي دهلي ڊيئرڊيولز جي وڪيٽ ڪيپر ريشب پنت جي جملي ڀارت سميت سڄي دنيا ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪرڪيٽ جي ميدانن ۾ اسپاٽ فڪسنگ جي حوالي سان مايوسي جي لهر ڇائجي وئي آهي.

ان سموري صورتحال کي ڏسندي اڳوڻي آءِ پي ايل جي ڪمشنر للت مودي هڪ ڀيرو انڊين پريميئرليگ جي ميچز کي مزاق قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

للت مودي الزام لڳايو ته آءِ پي ايل ۾ وڏي پيماني تي ميچ فڪسنگ ڪئي پئي وڃي.

——————-

آمريڪي شهر ميامي ۾ جاري ميامي اوپن ٽينس ٽورنامنٽ جي فائنل ۾راجرفيڊرر آمريڪا جي جان آئيزنر کي شڪست ڏئي چوٿون ڀيرو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي.

سوئيٽرزلينڊ سان تعلق رکندڙ اسٽار ٽينس اسٽار راجرفيڊرر دفاعي چيمپيئن جان آئيزنر کي اسٽريٽس سيٽس ۾شڪست ڏئي ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي.

سوئيس ٽينس اسٽار هڪ طرفي مقابلي بعد مخالف رانديگر کي ڇهه-هڪ۽ڇهه-چار تان شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي ٽائيٽل حاصل ڪيو.

ميچ جي ٻئي سيٽ دوران آمريڪي رانديگر جان آئيزنر کي پير ۾ تڪليف ٿي جنهن سبب سندس ڪارڪردگي متاثر ٿي.

واضح رهي ته ان فتح سان گڏ راجرفيڊرر پنهنجي ڪيريئر ۾ هڪ سو هڪ هون ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو آهي.

——————-

گڏيل عرب امارات جي شهر دبئي ۾ گذريل ڏينهن گهوڙي سواري جا عالمي مقابلا منعقد ڪيا ويا، جنهن ۾اعليٰ نسلن جي گهوڙن مختلف ڊوڙن ۾حصو ورتو.

مقابلن ۾ شريڪ مختلف ملڪن جي گهوڙن مقرره فاصلو طئه ڪرڻ جي ڪوششون ڪيون، جنهن ۾ دبئي جي حاڪم شيخ محمد بن راشد المختوم جي گهوڙي ٿندڙاسنو ڪاميابي حاصل ڪئي.

گهوڙي جي ڪاميابي تي شيخ محمد بن راشد پنهنجي جذبن تي ڪنٽرول  رکي نه سگهيو ۽خوشي ۾ جهمر هڻندو رهيو.

——————

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*