سنڌ هاءِ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار حسين لوائي ۽ طلحه رضا جي ضمانت واريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون

سنڌ هاءِ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار حسين لوائي ۽ طلحه رضا جي ضمانت واريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون، جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڪيس اسلام آباد منتقل ٿي ويو، وڌيڪ وقت يا ضمانتون نه ٿا ڏئي سگهون، اسان جي جند ڇڏيو، هاڻي اتان وڃي ضمانتون ڪرايو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مني لاندرنگ ڪيس ۾ گرفتار بينڪر حسين لوائي ۽ سندس ساٿي طلحه رضا جي ضمانت وارين درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران حسين لوائي ۽ طلحه رضا جي وڪيل سندن ضمانتن واريون درخواستون واپس وٺي ڇڏيون، جنهن بعد عدالت درخواستون خارج ڪري ڇڏيون.

جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ رمارڪس ڏيندي جوابدارن جي وڪيل کي چيو ته ڪيس اسلام آباد منتقل ٿي ويو آهي،هاڻي وڌيڪ وقت يا ضمانت نه ڏني ويندي،  تنهنڪري هاڻي اسان جي جند ڇڏي وڃي اسلام آباد مان ضمانتون ڪرايو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*