اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  گهوٽڪي جي هندو ڀينرن رينا ۽ روينا ڪيس جي شنوائي ڪندي 4 رڪني جاچ ڪميشن جوڙي ڇڏي آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  گهوٽڪي جي هندو ڀينرن رينا ۽ روينا ڪيس جي شنوائي ڪندي 4 رڪني جاچ ڪميشن جوڙي ڇڏي آهي.

اسلام آباد هائي ڪورٽ جي چيف جسٽس ،جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ قائم عدالت ڪيس جي شنوائي ڪئي.

عدالت جي حڪم تي ڪميشن ۾ وفاقي وزير شيرين مزاري، مفتي تقي عثماني ، خاور رحمان ۽ ڊاڪٽر مهدي حسن کي شامل ڪيو ويو.

عدالت گهرو وزارت کي هدايت ڪئي ته ڪميشن کي سموريون سهولت فراهم ڪيو ن وڃن.

عدالت واضح ڪيو ته ڪميشن ۾ شامل سمورن ماڻهن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي.

شنوائي دوران گهوٽڪي جي ٻنهي ڀينرن رينا ۽ روينا جي ميڊيڪل رپورٽ اسلام آباد هائي ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي.

 رپورٽ مطابق ڇوڪرين جي عمر ساڍا 19 ۽ 18 سال آهي،سينيٽر ڪرشنا ڪماري ميڊيڪل رپورٽس  تي اعتراض واري ڇڏيو.

اسلام آباد هائي ڪورٽ ۾ شنوائي دوران پمز پاران رپورٽ جمع ڪرائي وئي.

سينيٽر ڪرشنا ڪماري چيو ته اسان کي ميڊيڪل رپورٽ تي اعتراض آهي،ميڊيڪل ڪرائڻ وقت اسان کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو.

عدالت هدايت ڪئي ته  ايندڙ شنوائي تي وزيراعظم پاران ڪرايل انڪوائري رپورٽ به پيش ڪئي وڃي.

عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ملڪ ۾ اقليتن جا حق صرف محفوظ نه هجڻ گهرجن، پر محفوظ نظر اچڻ گهرجن.

عدالت اهو به واضح ته اها ان ڳالهه جو جائزو وٺندي ته ڇوڪرين کان زبردستي ته مذهب تبديل نه ڪرايو ويو.

عدالت ڪيس جي شنوائي 11 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*