اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني نيب اسلام آباد وٽ پيش ٿي بيان ريڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني نيب اسلام آباد وٽ پيش ٿي بيان ريڪارڊ ڪرائي ڇڏيو.

يوسف رضا گيلاني کي اڄ نيب هيڊڪوارٽر اولڊ بلڊنگ ۾ گهرايو ويو هو، جتي جي آئي ٽي هن کان پڇا ڪئي،نيب کيس ٻن هفتن ۾ ٻيهر طلب ڪيو آهي.

نيب بلڊنگ ٻاهران ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته وزير اعظم طور هن کي جيڪي گاڏيون سوکڙي طور مليون هيون،اهي هن اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ نواز شريف کي ڏئي ڇڏيون هيون.

هن چيو ته وزير اعظم طور هن کي ٻيون سوکڙيون به مليون هيون،جيڪي هن نوازشريف کي ڏنيون هيون.

هن چيو ته پ پ عوامي پارٽي آهي، جنهن هميشه آئين جي پاسداري ڪئي آهي.

هن چيو ته نيب کي جيڪڏهن مون کي گرفتار ڪرڻو آهي، ته ڀلي ڪري.هن چيو ته جيئن امتحان حال ۾ سوال نامون ڏنو ويندو آهي، ائين نيب به سوال نامو ڏنو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*