احتساب عدالت تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عليم خان جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ 9 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي

احتساب عدالت تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عليم خان جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ 9 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.

لاهور جي احتساب عدالت ۾ پنجاب جي اڳوڻي سينئر وزير عليم خان کي پيش ڪيو ويو،جتي فاضل جج جاچ ڪندڙ آفيسر کان پڇيو ته جاچ مڪمل ٿي يا نه؟ جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جاچ هاڻ به جاري آهي ۽ وڌيڪ وقت گهربل آهي.

هن عدالت کي وڌيڪ ٻڌايو ته جاچ مڪمل ٿيڻ تي ريفرنس داخل ڪيو ويندو..

عدالت جي جج نيب کي هدايت ڪئي ته جوابدار جي خلاف جلد ڪيس اڪلايو وڃي، ۽ ڪنهن کي هروبرو قيد ۾ نه رکيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*