سنڌ حڪومت جي ترجمان  مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته آمرن جي باقيات ملڪ ۾ بدبوءِ پکيڙي ڇڏي آهي

سنڌ حڪومت جي ترجمان  مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته آمرن جي باقيات ملڪ ۾ بدبوءِ پکيڙي ڇڏي آهي، فواد چوڌري ۽ رشيد جو ڪردار مغلِ اعظم جي واٺن جهڙو آهي، بدزابين ۾ شيخ رشيد جو ڪو به مَٽَ ناهي، ناڻي وارو وزير سڌارن جون ڳالهيون ڪري ڪنهن کي بيوقوف بڻائي رهيو آهي، معيشت جي بهتري جي نالي تي عوام کي لالي پوپ ڏيڻ بند ڪيو وڃي.

مرتضيٰ وهاب پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته شاهه محمود قريشي ۽ جهانگير ترين جي جهيڙي سبب سندن دال جوتن ۾ ورهائجي رهي آهي، شيخ رشيد ۽ فواد چوڌري جو  ڪردار مغل اعظم جي واٺن جهڙو آهي.

مرتضيٰ وهاب چيو ته شيخ رشيد جي بدزباني جو ڪو به مٽ ناهي، هو پهريان پاڻ ته سياست سکي پوءِ ٻين کي شاگردي ڏيڻ جون ڳالهيون ڪري.

سنڌ حڪومت جي ترجمان جو چوڻ هو ته آمرن جي باقيات ملڪ ۾ ڌپ پکيڙي ڇڏي آهي، فواد چوڌري جي پنهنجي آقا مشرف سان همدردي سندس بيانن مان ظاهر ٿي رهي آهي.

سنڌ حڪومت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته  سليڪٽيڊ حڪومت جو ڪو به ويزن ناهي ڪٿان به تيل نه نڪرڻ تي عوام جو تيل ڪڍيو پيو وڃي.

مرتضيٰ وهاب چيو ته ناڻي وارو وزير سڌارن جون ڳالهيون ڪري ڪنهن کي بيوقوف بڻائي رهيو آهي، معيشت جي بهتري جي نالي تي عوام کي لولي پاپ ڏيڻ بند ڪيو وڃي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*