وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اويس مظفر جي گرفتاري بابت کيس ڪابه ڄاڻ ناهي

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اويس مظفر جي گرفتاري بابت کيس ڪابه ڄاڻ ناهي، مني لانڊرنگ بابت جي آءِ ٽي جي رپورٽ مون پڙهي آهي، ان ۾ اويس مظفر جو ڪٿي به نالو ناهي، وزير اعظم عمران خان ڪراچي جي لاءِ جيڪو 162 ارب رپين جو اعلان ڪيو آهي، اهو رڳو شوشو آهي.

 ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾شهيدن جي مزار تي حاضري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته وزير اعظم پاران 162 ارب رپين وارو اعلان رڳو شو شا آهي، وزير اعظم جي سنڌ واري دوري بابت مونکي ڪابه ڄاڻ نه ڏني وئي.

وڏي وزير چيو ته جعلي اڪائونٽس واري  جي آءِ ٽي رپورٽ مون پڙهي آهي، ان ۾ اويس مظفر جو ذڪر ناهي.

هن چيو ته علي محمد مهر جي رهائشگاهه تي حملي کانپوءِ پوليس فوري طور پهتي،کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو.

وڏي وزير چيو ته نيب ۾ ڇا پيو ٿئي ڪا خبر ناهي، پر وڏي پئماني تي جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي، جنهن جي تفصيلي رپورٽ اچي وئي آهي.

هن چيو ته رپورٽ تي مون کي حيرت ٿي آهي، مون کي گهرائڻ بنا نالو شامل ڪيو ويو.

وڏي وزير چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس جهڙا سوال ڪيا، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته نيب ٻئي جي چوڻ تي سڀ ڪجهه ڪري رهي آهي.

وڏي وزير چيو ته عمران نيازي سنڌ جي ماڻهن سان وڏي نا انصافي ڪري رهيو آهي، وزير اعظم سنڌ کي 162 ارب رپيا ڏيڻ جو آسرو ڏنو پر ٻڌايو وڃي ته ڪٿي خرچ ٿيندا؟ اهيا ڳالهه رڳو شوشا آهي.

وڏي وزير چيو ته وزير اعظم جي سنڌ واري دوري بابت مون کي اطلاع نه ڏنو ويو، نه ئي دعوت ملي، سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کي خاص طور تي هدايت ڪئي وئي ته وزير اعظم کي سکر ۾ رسيو ڪن.

سيد مراد علي شاهه چيو ته ان کان اڳ وزير اعظم سنڌ آيو واپس ويو ته مون کي نياپو مليو ته اوهان جي ضرورت ناهي، وفاق مان پيسا گهٽ ملي رهيا آهن، ٻين صوبن  سان به ساڳي صورتحال آهي…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*