تنگواڻي ويجهو 2 مهينا اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويل جوهي واسي نوجوان کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو

تنگواڻي ويجهو 2 مهينا اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويل جوهي واسي نوجوان کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو.

ڦلجي روڊ جي ٻٻر محلي واسي علي اڪبر ٻٻرکي جوهي پوليس تنگواڻي جي علائقي مان بازياب ڪرائي وارثن حوالي ڪيو.

جوهي پوليس موجب علي اڪبر ٻٻر 2 مهينا اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي  اغوا ٿي ويو هو، جنهن کي تنگواڻي ۾ هڪ جاءِ تي ڇاپو هڻي بازياب ڪرايو ويو.

پوليس موجب تنگواڻي ۾ ڪارروائي دوران اغوا ۾ ملوث هٿياربند موقعي تان فرار ٿي ويا.

ٻڌايو وڃي ٿو ته علي اڪبر ٻٻر جي بازيابي لاءِ 20 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو هو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*