پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته راولپنڊي ۾ سدائين ڀٽوز لاءِ ڪربلا برپا ڪئي وئي آهي

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته راولپنڊي ۾ سدائين ڀٽوز لاءِ ڪربلا برپا ڪئي وئي آهي، سنڌ مان ڪيسز جي پنڊي منتقلي غيرقانوني آهي، هر فورم تي آواز اٿارينداسين.

لاڙڪاڻي ۾ اين آءِ وي سي ڊي جي افتتاح کانپوءِ بلاول ڀٽو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته احتساب کي انتقام لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي، ارڙهين ترميم ختم ڪرڻ نه ڏينداسين.

هن چيو ته وزيراعظم رڳو سنڌ جي هڪڙي حصي جي ترقي جي ڳالهه ڪري ٿو، اهڙي ٻٽي معيار تي عمران خان کي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم عوام جو ردعمل ڏسي ورتو آهي، هاڻي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ختم ڪرڻ جي ڳالهه نه ڪندو.

پ پ چيئرمين چيو ته اويس مظفر جي گرفتاري واري خبر ڪوڙي هئي، اهڙي خبر هلائڻ جو مقصد عوام جو ڌيان تيل جي اگهن ۾ واڌ خلاف رد عمل تان ڌيان هٽائڻ هو.

بلاول چيو ته في الحال احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، احتجاج جمهوري حدن ۾ رهي ڪري ڪندا سين.

هن چيو ته احتساب جي نالي تي پوليٽيڪل انجنيئرنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن جا نتيجا خراب نڪرندا.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ حڪومت 18 هين ترميم کانپوءِ پرفارم ڪيو آهي، ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾صحت واري شعبي ۾ سنڌ ترقي ڪري پئي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*