دادو ۾ جوهي واسڻ عورت پاران مبينا زيادتيءَ خلاف احتجاج ڪيو آهي

دادو ۾ جوهي واسڻ عورت پاران مبينا زيادتيءَ خلاف احتجاج ڪيو آهي، عورت  پنهنجي سهري تي لڄالٽ ڪرڻ جو الزام لڳايو  آھي.

جوهي لڳ ڳوٺ محمد صالح جي رهواسڻ مومل سولنگي زال محمد علي پنهنجي مڙس ۽ 3 معصوم ٻارڙن سميت دادو پهچي احتجاج ڪيو.

  مومل سولنگي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته مڙس جي غير موجودگيءَ  ۾ سندس  سهري محمد سولنگي ڪمرو بند ڪري هٿيارن جي زور تي ساڻس  ناجائزي ڪئي.

متاثر عورت چيو ته  شڪايت ڪرڻ تي سهري کيس معصوم ٻارڙن سميت گهر مان ڪڍي ڇڏيو آھي.

هن مطالبو ڪيو ته ساڻس زيادتي ڪندڙ سهري کي گرفتار ڪري کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*