ڪراچي ۾ وفاقي وزير علي محمد مهر پنهنجي گهر ۾ مبينا طور ڌاڙي جي ڪوشش دوران مزاحمت تي زخمي ٿي پيو

ڪراچي ۾ وفاقي وزير علي محمد مهر پنهنجي گهر ۾ مبينا طور ڌاڙي جي ڪوشش دوران مزاحمت تي زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال  مان طبي امداد ڏيڻ بعد گهر منتقل ڪيو ويو آهي.

گذريل رات گزري واري علائقي ۾ مبينا طور ڦر جي ڪوشش دوران مزاحمت تي وفاقي وزير علي محمد مهر زخمي ٿي پيو هو.

زخمي ٿيل جي ڊي اي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير علي محمد مهر کي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو جتان طبي امداد ڏيڻ بعد کيس گهر منتقل ڪيو ويو.

ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي امير شيخ، ڊي آءِ جي شرجيل کرل ۽ ٻين علي محمد مهر جي گهر پهچي واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا.

اَي آءِ جي امير شيخ چيو ته سمورن جوابدارن کي جلد قانون جي وڪڙ ۾ آندو ويندو.

پوليس پاران واقعي جي شروعاتي جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي، ايس ايس پي سائوٿ پير محمد شاهه چيو آهي ته علي محمد مهر کي پستول جا بٽ لڳڻ سبب مٿي ۾ ڌڪ لڳا، کيس ڪلفٽن جي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته علي محمد مهر جي گهر 6 هٿياربند داخل ٿيا ۽ ملازمن بابت پُڇاڻو ڪيو، اُن کانپوءِ ڦورن پستول جا بٽ هڻي علي محمد مهر کي زخمي ڪري ڇڏيو.

ٻئي پاسي آءِ جي سنڌ ڪليم امام واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي سائوٿ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل به واقعي جي مذمت ڪئي آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*