حبيب بينڪ پنهنجي ڊپارٽمنٽ جي ڪرڪيٽ ٽيم ختم ڪري ڇڏي

وزير اعظم عمران خان جي خوائش پوري ٿي وئي، قومي ڪرڪيٽرز ڊپارٽمنٽ جي ٽيم مان فارغ ٿي ويا.

قومي رانديگرن لاءِ بري خبر سامهون اچي وئي، حبيب بينڪ پنهنجي ڊپارٽمنٽ جي ڪرڪيٽ ٽيم ختم ڪري ڇڏي.

تفصيل مطابق وزير اعظم عمران خان پاران ڊپارٽمنٽل ڪرڪيٽ کي بند ڪرڻ جي خوائش جو اظهار ڪيو ويوهو ۽ پي سي بي پاران نئون ڊومسٽڪ اسٽريڪچر آڻڻ کان پهرين ئي حبيب بينڪ پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم ختم ڪري ڇڏي.

حبيب بينڪ جي ڪرڪيٽ ٽيم ختم ٿيڻ سان فخرزمان، امام الحق، فهيم اشرف، عمر اڪمل، جنيدخان، عابد علي ۽ عمرگل سميت 22 رانديگرن کي نوڪرين تان هٿ ڌوئڻو پيو آهي.

ان کان سواءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان شاهد آفريدي پڻ ڪانٽريڪٽ تي بينڪ ۾ نوڪري ڪري رهيو هو.

واضح رهي ته حبيب بينڪ جي ڊپارٽمنٽ ٽيم جي ختم ٿيڻ سان 10ٽيسٽ ڪرڪيٽرن سميت 22ڪرڪيٽرز نوڪرين تان فارغ ٿي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*