سنڌ جـَي وڏي وزير مراد علي شاھ چيو آهي ته سنڌ جا ڪيس پنڊي ۾ هلائڻ سياسي انتقام آهي

سنڌ جـَي وڏي وزير مراد علي شاھ چيو آهي ته سنڌ جا ڪيس پنڊي ۾ هلائڻ سياسي انتقام آهي، اسان کي احتساب جو خوف نه آهي پر سياسي انتقام جي شڪايت آهي، نيب ۽ جج ته سنڌ ۾ به آهن پر انهن تي اعتماد نه پيو ڪيو وڃي.

ڀان سيد آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سڀني کي خبر آهي ته پي ٽي آءِ ڪيئن حڪومت ۾ آئي، پي ٽي آءِ ۾ جيترا ماڻهو اوترا ئي ڌڙا آهن، اها پارٽي جلد پاڻ ئي ختم ٿي ويندي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت عوام کي مهانگائي کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو، اپوزيشن جي ٻين جماعتن  سان صلاح مشوري کانپوءِ مهانگائي ۽ ٻين عوامي مسئلن خلاف تحريڪ هلائي ويندي.

وڏي وزير چيو ته اويس مظفر جي گرفتاري واري خبر مهانگائي لِڪائڻ ۽ عوام جو ڌيان هٽائڻ لاءِ هلرائي وئي، جنهن جي اويس مظفر پاڻ ترديد ڪري چڪو  آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته احتساب جو خوف ناهي پر سياسي انتقام جي شڪايت ضرور آهي، ڪيس سنڌ جو، جوابدار  سنڌ جو ۽ ٻڌڻيون وري پنڊي ۾ ٿي رهيون آهن، نيب ۽ جج سنڌ ۾ به آهن، ڇا انهن تي اعتماد ناهي؟

وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ استادن تي تشدد واري معاملي جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي، جنهن جي به ڪوتاهي هوندي، ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*