سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته خطي ۾ موجود تڪرارن سياحت کي نقصان پهچايو

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته خطي ۾ موجود تڪرارن سياحت کي نقصان پهچايو، نئين حڪومت جي اچڻ سان عالمي سطح تي پاڪستان جي وقار ۾ اضافو ٿيو آهي .

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي فواد چوڌري چيو ته پاڪستان خوبصورت ۽ سياحن لاءِ پرڪشش ملڪ آهي، پاڪستان کي 70 ۽ 80 جي ڏهاڪن ۾ مختلف چيلينجز کي منهن ڏيڻو پيو.

 هن چيو ته دنيا ۾ پاڪستان جي مثبت سڃاڻپ اجاگر ڪري سياحت کي هٿي وٺرائي سگهجي ٿي.

هن چيو ته گهرو معاملن جي مملڪتي وزير جي قيادت ۾ نئين ويزا پاليسي جاري ڪرڻ حڪومت جي وڏي ڪاميابي آهي.

وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو مثبت ڪردار اجاگر ڪرڻ ۾ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*