ٽنڊوآدم ويجهو ڳوٺ گدڙ آپن ۾ عورت جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو آهي

ٽنڊوآدم ويجهو ڳوٺ گدڙ آپن ۾ عورت جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته عورت پنهنجي ٻارڙن سان گهر ۾ اڪيلي رهندي هئي، جتان لاش هٿ آيو آهي، ان گهر جي ڇت رڳو 4 فوٽ اونچي آهي.

ڳوٺ گدڙ آپن ۾ ٽن ٻارڙن جي ماءُ رخسانا زال دوست علي لاکو جو ڪنڌ ڀڳل لاش هٿ آيو.

اطلاع تي پوليس پهچي عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتي پوسٽ مارٽم ڪيو ويو.

ايس ايڇ او جو چوڻ هو ته فوتڻ جو مڙس ڪراچي مزدوري ڪندوآھي پاڻ ٽن ٻارن سان گھر ۾ اڪيلي رھندي آھي.

پوليس موجب، جنهن جاءِ تان لاش مليو آھي، ان جي ڇت رڳو 4 فٽ اونچي آھي، جڏهن ته فوتڻ جي ڳيچي ۾ ڦاهو هو ۽ گوڏا زمين تي ھيا.

پوليس موجب، سندس پاڙيسري آپگهات جو شڪ ظاهر ڪن ٿا پر اسان ھر رخ کان جاچ ڪري رهيا آهيون، پوسٽ مارٽم بعد اصل ڪارڻ معلوم ٿي سگهندا….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*