ٿر ۾ ڏڪار سٽيل پورهيت مائرن جون جهوليون خالي ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، مٺي سول اسپتال ۾ اڄ وڌيڪ 7 ٻار فوت ٿي ويا

ٿر ۾ ڏڪار سٽيل پورهيت مائرن جون جهوليون خالي ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، مٺي سول اسپتال ۾ اڄ وڌيڪ 7 ٻار فوت ٿي ويا، عمرڪوٽ  سول اسپتال ۾ ھڪ ڏينھن جي نياڻي فوت ٿي وئي، هلندڙ سال فوتين جو انگ وڌي 2 سئو 26 ٿي ويو.

ٿر ۾ موت جو راڪاس برقرار آهي، بک، بدحالي ۽ مختلف بيمارين وگهي ٻارن جي فوت ٿيڻ وارو سلسلو بند ناهي ٿي سگهيو.

مٺي سول اسپتال ۾ اڄ وڌيڪ 7 ٻار فوت ٿي ويا، جن ۾ ڳوٺ علي محمد لاشاري جي رهواسي عبدالمجيد جي هڪ ڏينهن جي ڌيءُ، ڳوٺ جنجهي جي رهواسي خالد حسين جو ٻن مهينن جو پٽ سجاد ۽ ڳوٺ ڇهون واٽر جي رهواسي پپو جي ڇهن ڏينهن جي ڌيءُ شامل آهن.

مٺي جي رهواسي روَي جـِي چار مهينن جي ڌيءُ نشا، ڳوٺ مٺڙيو سومرا جـَي رهواسي مير محمد جي تيرهن ڏينهن جي ڌي نصيبان، ڳوٺ هالو ڍاڻي جي رهواسي طوطو جـِي تازي ڄاول ڌيءُ ۽ ڳوٺ ڀيرجي ڀيل جي رهواسي ڪانجي جو هڪ سال جو پٽ نندلال به فوت ٿي ويا.

عمرڪوٽ  سول اسپتال ۾ ڳوٺاڻي  اڪرم جي ھڪ ڏينھن جي نياڻي فوت ٿي وئي.

هلندڙ مهيني ڏڪار سٽيل ٿر ۾ بک ۽ بيمارين وگهي فوت ٿيل ٻارڙن  جو انگ وڌي 226 ٿي ويو آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*