پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته موجوده صورتحال ۾ قومي اتفاق راءِ جي ضرورت آهي

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته موجوده صورتحال ۾ قومي اتفاق راءِ جي ضرورت آهي، ڀارت سان ڇڪتاڻ وقت آصف زرداري ۽ شهباز شريف سان فون تي مشاورت ڪئي هئي، هنن جو انداز ٻڏ تر وارو هو.

 اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته قومي ايڪشن پلان جي سياسي پاسي صورتحال همٿائيندڙ نه هئي، پر تحريڪ انصاف جي حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد يقيني بڻائيندي.

شاهه محمود قريشي چيو ته پلواما واقعي کانپوءِ ڀارت اڳرائي وارو رويو  اختيار ڪيو، جنهن سبب ٻئي ملڪ جنگ جي ويجهو اچي ويا هئا.

هن چيو ته  والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن.

پرڏيهي وزير چيو ته خراب صورتحال جي باوجود ڪشمير جي آزادي جي جدوجهد  جاري رکي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*