سکر  ۾ميگهواڙ برادري جي ماڻهن نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي

سکر  ۾ميگهواڙ برادري جي ماڻهن نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ڪنڌرا جي رهواسين حاڪم مينگهواڙ، ڪشور ڄمار، پرديپ ڄمار، ڪيلاش، سندر داس، نيتي ٻائي، ڪونج ٻائي، سمي ٻائي ۽ ٻين سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو.

مظاهرين چيو ته ڪنڌرا شهر ۾ هٿياربندن ڏيڍ سال اڳ نوجوان وزير مينگهواڙ کي قتل ڪيو.

هنن چيو ته ڪنڌرا پوليس قتل ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ايف آءِ آر داخل ڪري ٻه ماڻهو گم ڪري ڇڏيا آهن.

مظاهرين چيو ته پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران ڪيس داخل ڪري ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪائي رهي آهي، اعليٰ اختياريون معاملي جو نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪن………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*