سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب پاران جوابدارن کي جعلي ڪال اپ نوٽس موڪلڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊي جي نيب ڪراچي ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر کي طلب

سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب پاران جوابدارن کي جعلي ڪال اپ نوٽس موڪلڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊي جي نيب ڪراچي ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر کي طلب ڪندي جعلي ڪال اپ نوٽس ملندڙ جوابدار کي ڪيس کان آجو ڪري ڇڏيو .

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس احمد علي ايم شيخ، شمشاد نالي جوابدار کي نيب پاران جعلي ڪال اپ نوٽس موڪلڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

چيف جسٽس جعلي ڪال اپ نوٽس موڪلڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي نيب عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته نيب معاملي جي پاڻ جاچ ڪري ذميوارن جو تعين ڇو نه ڪيو؟.

چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته ڪو ته هوندو جيڪو اهڙو ڪڌو ڪم ڪري رهيو آهي، ڪٿي ڪو نيب جي گهر جو ماڻهو ته ناهي، ڪير به هجي کيس بخش نه ڪيو ويندو.

عدالت ڊي جي نيب ڪراچي ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر کي طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*