سپريم ڪورٽ مبينا طور تي زال کي زندهه ساڙيندڙ جوابدار محمد عمران کي بري ڪري آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ مبينا طور تي زال کي زندهه ساڙيندڙ جوابدار محمد عمران کي بري ڪري آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس آصف سعيد کوسا  جي سربراهي ۾ قائم بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته درخواست گذار ڏوهه ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، ان ڪري شڪ جو فائدو ڏيندي جوابدار محمد عمران کي آزاد ڪجي ٿو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته مرحوما جي ميڊيڪل ريڪارڊ مطابق  سيلينڊر ڌماڪو ٿيو هو، جڏهن ته رپورٽ استغاثا جي ڪهاڻي جي نفي ڪري ٿي.

چيف جسٽس چيو ته جوابدار جي ساهرن جي روئي مان لڳي ٿو ته هو معاملي کي ڏيتي ليتي جي ذريعي ختم ڪرڻ گهرن ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*