آسٽريليا جي سينيٽ مسلمانن خلاف نسل پرستي جو مظاهرو ڪرڻ تي فريزر خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪري ورتو

ڪرائيسٽ چرچ سانحي ۾ 50 مسلمانن جي شهيد ٿيڻ واري واقعي جو مسلمانن کي ئي ذميوار قرار ڏيندڙ آسٽريليا جي تعصب پرست سينيٽر فريزر ايننگ خلاف پنهنجي ئي ڌرتي تنگ ٿي وئي آهي. آسٽريليا جي سينيٽ مسلمانن خلاف نسل پرستي جو مظاهرو ڪرڻ تي فريزر خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي.

سينيٽر فريزر ايننگ ڪرائيسٽ چرچ سانحي تي تبصرو ڪندي چيو هو ته مسلمان پناهگيرن جو انگ وڌي رهيو آهي ۽ مقامي ماڻهن ۾ خوف پکڙيل آهي ۽ اهو واقعو به ان خوف جو نتيجو آهي. فريزر ايننگ جي مسلمانن خلاف اهڙي تعصب پرستي کي سينيٽ ۾ سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.

فريزر ايننگ خلاف پيش ڪيل مذمتي ٺهراءَ جي سمورين جماعتن سان تعلق رکندڙ ميمبرن مذمت ڪئي، رڳو هڪ سينيٽر   مخالفت ۾ ووٽ ڏنو. عورت سينيٽر سارا هينسن ينگ پنهنجي تقرير ۾ نسل پرست فريزر ايننگ کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته هن شخص کي ايوان ۾ ويهڻ جو ڪو به حق نه آهي.

سارا جي تقرير دوران هڪ موقعي تي جڏهن ايوان ۾ موجود فريزر ايننگ مرڪي ڏنو ته سارا جذباتي انداز ۾ کيس مخاطب ٿيندي چيو ته هي ڪا مشڪري نه آهي، 50 ماڻهو پنهنجيون حياتيون وڃائي ويٺا آهن ۽ تو کي لڳي پيو ته هي ڪا مشڪري آهي. ياد رهي ته سينيٽر فريزر ايننگ تي هڪ نوجوان انڊي سان حملو به ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*