اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي نااهلي وارين درخواستن تي ٻن هفتن اندر جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي نااهلي وارين درخواستن تي ٻن هفتن اندر جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اسلام آباد هائي ڪورٽ جي چيف جسٽس،جسٽس اطهر من الله جي سربراهيءَ ۾ قائم ڊويزن بينچ ڪيس جي شنوائي ڪئي.

شنوائي دوران چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ۾ چيو ته ڪيس جو  مناسب فورم پارليامينٽ آهي، درخواست گذارن کي ايف بي آر وڃڻ گهرجي ها.

 چيف جسٽس چيو ته سياسي معاملن  ۾ عدالت کي نه گهليو وڃي.

 پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان ۽ عثمان ڊار  درخواستن ۾ آصف زرداري تي اثاثا لڪائڻ جا الزام هڻندي سندس نااهلي جي استدعا ڪئي هئي.

هنن ڄاڻايو هو ته اليڪشن ڪميشن وٽ غلط گوشوارا جمع ڪرائڻ تي آصف زرداري آئين جي آرٽيڪل 62 ايف ون تحت اهل نه رهيو آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*