قمبر ۾ پوليس پاران 7 ڄڻن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو

قمبر ۾ پوليس پاران 7 ڄڻن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مبينا گرفتار ڪيلن جي وارثن مسمات شگل  حبدار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج  ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته رات دير سان پوليس ٻرڙا ڪالوني ۾ پورهيت قربان ٺوڙهياڻي جي گهر ۾ داخل ٿي تلاشي ورتي ۽ گهر ڌڻي قربان سميت سندس 6 سئوٽن ذوالفقار    نثار ،  معشوق  سعيد، غلام رسول  سراج ٺوڙهياڻي کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي.

وارثن چيو ته پوليس بنا ڪنهن جواز جي اسان جي گهرن ۾ گهڙي بي گناهه 7 ڄڻن کي گرفتار ڪيو، انهن بابت ڪجهه نه پيو ٻڌايو وڃي.

مظاهرين چيو ته ڳولا باوجود سندن ڪجهه پتو نه پئجي رهيو آهي، سنڌ سرڪار معاملي جو نوٽيس وٺي، انصاف ڪري………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*