سپريم ڪورٽ ۾ ريلوي گالف ڪنٽري ڪلب ايراضي ڪيس جي شنوائي ۾ عدالت نيب کان گالف ڪنٽري ڪلب ايراضي جي معاملي بابت ريفرنس جي ڪاپي طلب ڪري ورتي

سپريم ڪورٽ ۾ ريلوي گالف ڪنٽري ڪلب ايراضي ڪيس جي شنوائي ۾ عدالت نيب کان گالف ڪنٽري ڪلب ايراضي جي معاملي بابت ريفرنس جي ڪاپي طلب ڪري ورتي.

سپريم ڪورٽ جي جسٽس عظمت سعيد جي سربراهيءَ ۾ قائم ڊويزن بينچ  ريلوي گالف ڪنٽري ڪلب ڪيس جي شنوائي ڪئي.

ان موقعي تي ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد عدالت کان دليل ڏيڻ جي اجازت گهري، جيڪا عدالت ڏئي ڇڏي.

شيخ رشيد عدالت سان مخاطب ٿيندي چيو ته 9 سالن کان ڪيس التوا هيٺ آهي، ليز تي ڏنل زمين جي قيمت 200 ارب رپين کان وڌيڪ آهي.

هن چيو ته وڪيل کي 45 لک رپيا في ادا ڪري چڪا آهيون، وڪيل به مخالفن سان ملي وڃن ٿا، انڪري هو پاڻ ڪيس وڙهڻ گهري ٿو.

هن چيو ته  هاڻ وڪيل ڪيس جي في هڪ ڪروڙ رپيا گهري رهيو آهي.

شيخ رشيد جسٽس عظمت سعيد کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان اسان جو فخر آهيو .

عدالت شيخ رشيد کي هدايت ڪئي ته ايندڙ شنوائي تي تياري ڪري اچجو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*