ٺارو شاهه ويجهو درٻيلو مائينر کي 30 فوٽ گهارو پئجي ويو

ٺارو شاهه ويجهو درٻيلو مائينر کي 30 فوٽ گهارو پئجي ويو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت 6 ڪلاڪن جي ڪوششن کانپوءِ گهارو بند ڪيو، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اطلاع باوجود آبپاشي عملو نه پهچڻ سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو، جڏهن ته نوشهروفيروز ٽو ٺارو شاهه لنڪ روڊ تي ڪيترائي ڪلاڪ ٽريفڪ به متاثر رهي.

درٻيلو مائينر کي ڳوٺ مولهڻ  وٽان اوچتو گهارو پئجي ويو، جنهن جو اطلاع ڏيڻ باوجود آبپاشي عملو نه پهچي سگهيو.

آبپاشي عملو نه پهچڻ سبب گهارو وڌي 30 فوٽ ٿي ويو،جنهن جي ڪري سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل ٻڏي ويو.

گهاري جو  پاڻي نوشهروفيروز – ٺارو شاهه لنڪ روڊ تي پهچي ويو، جنهن  جي ڪري ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي وئي.

بعد ۾ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت 6 ڪلاڪن جي ڪوششن کانپوءِ گهاري کي ٻڌي ڇڏيو.

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته آبپاشي عملي جي غفلت سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي وڃڻ سبب سندن لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*