لاهور جي احتساب عدالت پيراگان اسڪينڊل ڪيس ۾ گرفتار خواجا ڀائر سعد رفيق ۽ سلمان رفيق کي وڌيڪ 14 ڏينهن جي جوڊيشل ريمارنڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو

لاهور جي احتساب عدالت پيراگان اسڪينڊل ڪيس ۾ گرفتار خواجا ڀائر سعد رفيق ۽ سلمان رفيق کي وڌيڪ 14 ڏينهن جي جوڊيشل ريمارنڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو.

 ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق ۽ خواجا سلمان جو رمانڊ جو پورو ٿيڻ تي اڄ  لاهور جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

عدالت هدايت ڪئي ته خواجا ڀائرن کي 18 اپريل تي ٻيهر پيش ڪيو وڃي.

 عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا سعد رفيق چيو ته ملڪ جو نه اڳ ڏيوالو نڪتو هو، نه ئي هاڻي نڪرندو، خزاني جو وزير اسد عمر پاران اهڙو بيان ڏيڻ تي  کيس فوري طور تي استعيفا ڏيڻ گهرجي.

هن چيو ته پاڪستان عمران خان جي هٿن ۾ غير محفوظ آهي.

خواجا سعد رفيق چيو ته نئين پاڪستان ۾ غريبن لاءِ دانهن ۽ سڏڪن کانسواءِ ڪجهه به ناهي،جيڪي ماڻهو انهن کي وٺي آيا، اهي به پڇتائي رهيا آهن.

هن چيو ته خزاني جو وزير پاڻ ملڪ جي ڏيوالي ٿيڻ جو اعلان ڪرڻ گهري ٿو، حڪومت نااهلن جي هٿ ۾ آهي، اهي ملڪ هلائي نٿا سگهن ته جان ڇڏين…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*