پ پ اڳواڻ خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته اڄ تاريخي ڏينهن آهي

پ پ اڳواڻ خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته اڄ تاريخي ڏينهن آهي، آمرن کي خوش رکڻ لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي رستي تان هٽايو ويو، شهيد جي فلسفي سان عوام جا اهنج گهٽائي سگهجن ٿا، شهيد ڀٽو چيو هو ته مان ضيا الحق جي هٿان ته مرڻ چاهيان ٿو پر تاريخ هٿان نٿو مرڻ چاهيان.

سکر ۾ تعليمي تقريب کي خطاب ڪندي خورشيد احمد شاهه چيو ته آمرن ملڪ جي عوام کي تعليم کان پري رکيو، اهي نٿا چاهين ته ملڪ ترقي ڪري ۽ تعليم عام ٿئي.

خورشيد شاهه چيو ته، جيستائين ملڪ ۽ پنهنجن علائقن ۾ تعيلم کي اوليت نه ڏني وئي ته پاڪستان جي ترقي ناممڪن آهي.

هن چيو ته  اسان وٽ مذهب کي سياست بڻايو ويو آهي، جتي مذهب سياست بڻجي وڃي، اها رياست رياست ناهي هوندي.

پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ چيو ته، اسان کان ڪوتاهيون ٿيون هونديون پر ٻارڙن جي مستقبل تي ٿيندڙ سياست کي ختم ڪيون، اڄ جو ملڪ نوجوانن جي هٿن ۾ آهي، تعليم کي هر دروازي تائين تعليم کي پهچائڻو پوندو.

خورشيد شاهه چيو ته، وڌندڙ آبادي جو  مسئلو وڏو آهي، چين آبادي تي ڪنٽرول ڪري چنڊ تي گهمي رهيو آهي پر اسان برادرين ۾ وڪوڙيل آهيون، اسان کي هڪ قوم ٿيڻو پوندو.

هن چيو ته، بدقسمتي سان اسان وڻ لڳائڻ بدران ڪٽرائي رهيا آهيون، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته نم جو هڪ وڻ 3 ڊاڪٽرن برابر آهي.

پ پ اڳواڻ چيو ته جڏهن سکر ۾ 40 هزار جي آبادي هوندي هئي، تڏهن 60 هزار وڻ هيا هاڻ لکين گاڏيون آهن، ۽ شهر دونهان انڊسٽري ۾ تبديل ٿي ويو آهي.

هن چيو ته سکر بيمارين ۾ بدلجي ويو آهي، ماحولياتي گدلاڻ سبب بيماريون جنم وٺي رهيون آهن.

خورشيد شاهه چيو ته سکر ۾ 5 يونيورسٽيون تعمير ٿي رهيون آهن، منهنجي ڪوشش آهي ته هر شهر ۾ يونيورسٽي هجي، سکر ۾ يونيورسٽي ۽ اسڪولن لاءِ مفت پلاٽ ۽ زمين ڏئي رهيا آهيون.

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه شاگردن کي سياست ۾ اچڻ جو مشورو ڏيندي چيو ته شاگرد ضروري ناهن ته پ پ ۾ اچن پر پي ٽي آئي وارن ڏانهن نه وڃي سگهن ٿا.

خورشيد شاهه چيو ته مهانگائي عروج تي آهي،ڊالر آسمان سان ڳالهائي رهيو آهي، پيٽرول جو ليٽر 60 رپيا آهي پر اسان مهانگو ڪري ڇڏيو آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*