پيپلزپارٽي اڳواڻ قمر الزمان ڪائرا پي ٽي آءِ جي حڪومت خلاف احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته موجوده حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي

پيپلزپارٽي اڳواڻ قمر الزمان ڪائرا پي ٽي آءِ جي حڪومت خلاف احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته موجوده حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، قيادت خلاف انتقامي ڪارروايون ڪرڻ تي جلد احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

سکر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي قمر الزمان ڪائره چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي ننڍي ٽرين جي سفر حڪمرانن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن .

هن چيو ته خورشيد شاهه سکر شهر کي قائداعظم جي مينار کانسواءِ ٻيو سڀ ڪجهه ڏنو آهي.

پيپلزپارٽي اڳواڻ چيو ته موجوده حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي  آهي، وڌندڙ مهانگائي حڪرمانن جي ناڪامين جو چٽو ثبوت آهي، غريب ماڻهو هڪ ويلي جي ماني لاءِ پريشان آهن.

هن چيو ته پيپلزپارٽي خلاف ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن، حڪومت خلاف جلد تحريڪ هلائينداسين.

قمر الزمان ڪائره چيو ته حڪومت خلاف احتجاج ۾ جيڪو شامل ٿيڻ چاهي ٿي سگهي ٿو.

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ چيو ته حڪومت جو شروع کان  ئي جارحاڻو ۽ گارگند  وارو انداز رهيو آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*