عمرڪوٽ ۾ موٽرسائيڪل ۽ گڏھه گاڏي وچ ۾ ٽڪرجي نتيجي ۾ هڪ استاد فوت ٿي ويو

عمرڪوٽ ۾ موٽرسائيڪل ۽ گڏھه گاڏي وچ ۾ ٽڪرجي نتيجي ۾ هڪ استاد فوت ٿي ويو.

ڇور ريلوي ڦاٽڪ وٽ موٽرسائيڪل ۽ گڏھ گاڏي وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، جنهن ۾ موٽرسائيڪل سوار استاد محمدقاسم نھڙي سخت زخمي ٿي پيو.

زخمي کي ڇور اسپتال نيو پئي ويوته  زخمن جا سور نه سھندي رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو.

فوتي جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، فوتي ڳوٺ نونھيون جو رھواسي هو، موٽر سائيڪل تي شهر اچي رهيو هو ته حادثو پيش آيو، فوتي استاد جو مڙهه ڳوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*