پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ لاءِ 23 امڪاني رانديگرن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ لاءِ 23 امڪاني رانديگرن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،جنهن ۾ عمر اڪمل جو نالو شامل نه آهي.

ڪرڪيٽ ورلڊڪپ قومي ٽيم جي قيادت جون زميواريون سرفراز احمد جي حوالي ڪيون ويون آهن، جڏهن ته امڪاني رانديگرن جي لسٽ ۾عمر اڪمل جو نالو شامل نه آهي.

قومي رانديگرن جي فٽنس ٽيسٽ 15۽ 16 اپريل ٿي ٿيندي،جڏهن ته حتمي ٽيم جو اعلان 18 اپريل تي ڪيو ويندو.

پاڪستان جي 23 امڪاني رانديگرن ۾ ڪپتان سرفراز احمد، فخرزمان، حارث سهيل، حسن علي، عماد وسيم، عابد علي، آصف علي، بابر اعظم،فهيم اشرف ،امام الحق، جنيد خان، محمد عباس، محمد حفيظ، محمد حسنين، محمد رضوان، محمد نواز، شاداب خان، شاهين شاهه آفريدي، شان مسعود، شعيب ملڪ، عثمان شنواري ۽ياسرشاهه جا نالا شامل آهن.

ميگا ايونٽ کان پهرين پاڪستاني ٽيم انگلينڊ خلاف پنج ون ڊي ۽ هڪ ٽي-ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏندي.

انگلينڊ جي دوري لاءِ دوري لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم 23 اپريل تي رواني ٿيندي.

واضح رهي ته ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي شروعات هلندڙ سال 30مئي کان ٿيندي ، جڏهن ته قومي ٽيم پهرين ميچ 31مئي تي ويسٽ انڊيز جي ٽيم خلاف کيڏندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*