عطاءُالله عيسيٰ خيلوي  جي طبيعت  ۾ سڌارو اچي ويو، اسپتال کان گهر منتقل ٿي ويو

ملڪ جي ليجنڊري عوامي فنڪار عطاءُالله عيسيٰ خيلوي  جي طبيعت  ۾ سڌارو اچي ويو،جنهن بعد هو لاهور جي اسپتال کان گهر منتقل ٿي ويو آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ ناليواري فنڪار  عطاءُالله عيسيٰ خيلوي چيو ته منهنجي صحت بهتر آهي ۽ جلد 13 اپريل تي دبئي ۾ ٿيندڙ ميوزيڪل شو ۾ شرڪت ڪندس.

هن چيو ته بيماري سبب سندس هڪ ميوزيڪل شو متاثر ٿيو ته سوشل ميڊيا تي هن جي وفات جا افواهه ڦهلايا ويا.

هن پنهنجن چاهيندڙن جا ٿورا مڃيا، جن بيماريءَ دوران نيڪ خواهشن  جو اظهار ڪيو.

ناليواري فنڪار چيو ته انهن ،جن سندس بيماري جي حوالي سان افواهه پکيڙيا،هو انهن جو به ٿورائتو آهي ۽ الله تعاليٰ انهن کي هدايت ڏئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*