نيب جي ٽيم لاهور ۾ حمزه شهباز جي گرفتاريءَ لاءِ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي ماڊل ٽائون واري گهر تي ڇاپو هنيو

نيب جي ٽيم لاهور ۾ حمزه شهباز جي گرفتاريءَ لاءِ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي ماڊل ٽائون واري گهر تي ڇاپو هنيو. گارڊز  جي مزاحمت ۽ ليگي ڪارڪنن جي احتجاج بعد نيب ٽيم خالي هٿئين خالي  واپس هلي وئي.

نيب جي ٽيم جيڪا 8 کان 9 ڄڻن تي ٻڌل هئي ،ان قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جي گهر تي ڇاپو هنيو.

نيب ٽيم جي ڇاپي وقت شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزه شهباز گهر ۾ موجود  هئا.

ٽيم جي موجودگي دوران  ن ليگ جي صدر  شهباز شريف جي گهر آڏو گڏ ٿيل نون ليگ جي ڪارڪنن  نيب خلاف احتجاج ۽ نعريبازي ڪئي.نيب جي ٽيم  سان گڏ  پوليس اهلڪار به  موجود هئا.

ن ليگ جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته نيب بنا وارنٽ جي شهباز شريف جي گهر تي ڇاپو هنيو.

هنن چيو ته لاهور هائي ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته حمزا شهباز شريف جي گرفتاري کان اڳ کيس 10 ڏينهن پهريان ٻڌائڻو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*