پني عاقل لڳ ڪارنهن تهمت هڻي جوابدار 30 ورهين جي نوجوان ۽ ناري کي قتل ڪري ڇڏيو

پني عاقل لڳ ڪارنهن تهمت هڻي جوابدار 30 ورهين جي نوجوان ۽ ناري کي قتل ڪري ڇڏيو.

بائيجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڀمڀو عالماڻي ۾جوابدار ڪارنهن جي تهمت هڻي نوجوان گڊو عالماڻي کي قتل ڪيو.

مبينا ڪارنهن جي الزام هيٺ نوجوان جي قتل کانپوءِ ناري انيلا کي به گولين جو بک بڻايو ويو.

واقعي کانپوءِ پوليس پهچي نوجوان ۽ ناري جا لاش مقامي اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪري ڇڏيا.

پوليس چيو ته ڪارنهن تان واقعو پيش آيو آهي، نوجوان ۽ ناري کي قتل ڪرڻ کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويو آهي، سندس گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*