گهوٽڪيءَ جي خانگي اسپتال مان گذريل ڏينهن اغوا ڪيل تازي ڄاول ٻارڙي بازياب نه ٿي سگهي

گهوٽڪيءَ جي خانگي اسپتال مان گذريل ڏينهن اغوا ڪيل تازي ڄاول ٻارڙي بازياب نه ٿي سگهي، ٻارڙي جا وارث وڏي انگ ۾ ٿاڻي تي پهچڻ جي نتيجي ۾ڇڪتاڻ وارو ماحول پيدا ٿي ويو.

گذريل ڏينهن شهر جي خانگي اسپتال مان تازي ڄاول ٻارڙي اغوا ٿي وئي، جنهن کانپوءِ اسپتال ۾انتظاميا ۽ وارثن ۾جهيڙو ٿي پيو هو، پوليس وچ ۾ پئي جهيڙو ٽاري ٻارڙي جي بازيابي لاءِ وارثن کان هڪ ڏينهن جي مهلت ورتي هئي.

پوليس طرفان ورتل مهلت ختم ٿيڻ کانپوءِ ٻارڙي جا وارث توڙي ڪلوڙ برادري جا ڪيترائي ماڻهو اي سيڪشن ٿاڻي تي پهچي ويا، جنهن جي ڪري ڇڪتاڻ وارو ماحول پيدا ٿي ويو.

ٻارڙي جي اغوا ٿيڻ کانپوءِ اسپتال مان گرفتار ڪيل وڪيل رائو آصف کي به پوليس گم ڪري ڇڏيو آهي.

وڪيل جي ڀاءُ رائو ناصر جي درخواست تي ريڊ ڪمشنر اي سيڪشن ٿاڻي تي ڇاپو هنيو، جنهن دوران باندي هٿ نه آيو.

 ايس ايڇ او شمشاد پٺاڻ عدالتي ڪم ڪار جي سلسلي ۾گهوٽڪي جي عدالت پهتو ته وڪيلن ساڻس دڳ روڪيو.

 عدالتي احاطي ۾ وڪيلن وزيراحمد گهوٽو، عبدالرزاق مهر لياقت ملاڻو ۽  ٻين پوليس خلاف عدالتي ڪاروهنوار جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 ايس ايڇ او شماد پٺاڻ چيو ته اغوا ٿيل ٻارڙي جي بازيابي جي لاءِ ڪوششون جاري آهن،

هن چيو ته گهوٽڪي جي ايڊيشنل سيشن جج ڪنهن ڪيس جي سلسلي ۾ گهرايو هيو، اتي پهتو ته ساڻس وڪيلن بدتميزي ڪئي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*