ڪوٽڙي ۾عدالت ايس يو پي ڪارڪن اختر شاهه قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي نامزد سمورن 6 پوليس اهلڪارن کي بري ڪري ڇڏيو

ڪوٽڙي ۾عدالت ايس يو پي ڪارڪن اختر شاهه قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي نامزد سمورن 6 پوليس اهلڪارن کي بري ڪري ڇڏيو.

ڄامشوري جي ڪرمنل ٽرائل ماڊل عدالت سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ڪارڪن سيد اختر شاهه جي قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌايو.

عدالت قتل ڪيس ۾ نامزد سمورن 6 پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي بري ڪري ڇڏيو.

بري ڪيل جوابدارن ۾ اڳوڻو ايس ايس پي ڄامشورو فرخ بشير، ڊي ايس پي نذر محمد ڊيشڪ، ايس ايڇ او نياز پنهور،سب انسپيڪٽر اعجاز سومرو ۽ ايس آءِ امام بخش نائچ شامل آهن.

سال 2009 ۾ سپر هاءِ وي تي ايس يو پي، جي احتجاج دوران فائرنگ ۾ ايس يو پي ڪارڪن اختر شاهه مارجي ويو هو، جنهن جو ڪيس 6 پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف داخل ڪيو ويو هو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*