ميهڙ ۾کوسا برادري جي ماڻهن حملي ۽ ڦر ڪيس جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو

ميهڙ ۾کوسا برادري جي ماڻهن حملي ۽ ڦر ڪيس جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو.

کوسا برادري جي ماڻهن  بچل کوسو، پرويز کوسو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ انڊس هاءِ وي تي شينهڻ جو دڙو اسٽاپ وٽ ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته ميهڙ مان  پرويز کوسو جي موٽر سائيڪل ڦر ٿي ۽ مٿس ڪجهه ماڻهن حملو ڪيو، پر پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

هنن مطالبو ڪيو آهي ته مٿن اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڌرڻي وارو ڪيس ختم ڪري موٽر سائيڪل ڦر جا جوابدار گرفتار ڪيا وڃن………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*