ڪنڌڪوٽ لڳ ڪار کامي ۾ڪرڻ سبب هڪ عورت فوت ٿي وئي، حادثي سبب 4 ڄڻا زخمي به ٿيا

ڪنڌڪوٽ لڳ ڪار کامي ۾ڪرڻ سبب هڪ عورت فوت ٿي وئي، حادثي سبب 4 ڄڻا زخمي به ٿيا.

صيفل لاڙو وٽ ٺل کان ايندڙ تيز رفتار ڪار اڳيان ڪتو اچڻ سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري کامي ۾ ڪري پئي.

حادثي جي نتيجي ۾ ٺل جي رهواسڻ 60 سالن جي مائي حاڪم ڀٽي فوت ٿي وئي.

حادثي سبب مائي شمشاد ۽ نوجوان عاشق سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي ايڌي ايمبولينس ذريعي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪنڌڪوٽ جي سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

 فوتي عورت جو لاش ٺل پهچايو ويو، جتي سندس اباڻي قبرستان ۾تدفين ڪئي وئي آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*