ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڊالر ۽ رپئي جي ملهه جي حوالي سان مارڪيٽ ۾ افواهه پکيڙڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي

ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڊالر ۽ رپئي جي ملهه جي حوالي سان مارڪيٽ ۾ افواهه پکيڙڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ ايڪسچينج ريٽ جو معاملو شامل ئي ناهي.

اسلام آباد مان ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج جي ميمبرن کي خطاب ڪندي اسد عمر چيو ته سيڙپڪار ڊالر خريد ڪري پنهنجا پئسا ضايع نه ڪن، پر شيئرز خريد ڪن.

هن چيو ته رپئي جي ملهه جي حوالي سان افواهه پکيڙيا پيا وڃن،گذريل سال کان رپئي جي ملهه کي هٿراڌو طريقي سان اوور ويليو رکيو ويو.

هن طنز ڪندي چيو ته آءِ ايم ايف ڪَريلو 300 رپيا ڪلوگرام وڪرو ڪرڻ جي تجويز نه ڏني آهي.

خزاني جي وزير چيو ته پاڪستان جي 300 ارب ڊالرن جي مارڪيٽ آهي، جڏهن ته دنيا ۾ کربين ڊالرن جو ڪاروبار ٿئي ٿو.

هن چيو ته اسان کي ڪيترائي  ڏکيا فيصلا ڪرڻا پيا آهن، جلد مارڪيٽ ۾ استحڪام اچي ويندو.

اسد عمر چيو ته جيستائين ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ موڙي نه سيڙائي ويندي تيستائين ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پئدا نه ٿيندا.

هن چيو ته نئين مالياتي ٺاهه جي حوالي سان ڪم شروع ٿي ويو آهي، حڪومت انتهائي ڏکيا فيصلا ڪيا آهن….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*