سنڌ هاءِ ڪورٽ ڇهن سالن کانپوءِ ڦاهي جي سزا ٻڌايل جوابدار کي بري ڪري ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڇهن سالن کانپوءِ ڦاهي جي سزا ٻڌايل جوابدار کي بري ڪري ڇڏيو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار ولي محمد کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي هئي، جوابدار تي 2013 ۾ عرفان ۽ بشير کي جيپ سميت اغوا ڪرڻ جو الزام هو .

سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ اغوا ڪيس ۾ ڦاهي جي سزا ٻڌايل جوابدار ولي محمد جي اپيل تي ٻڌڻي ٿي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته پيرپاڳاري جي لاڏاڻي سبب جوابدار بنا ڀنگ جي ئي کيس ڄامشوري  ۾ آزاد ڪري ڇڏيو هو.

جنهن تي جوابدار جي وڪيل موقف  اختيار ڪيو  ته هي ڪيس ڪوڙو آهي.

حسن فيروز ايڊووڪيٽ  چيو ته مدعي 51 ڏينهن کانپوءِ ڪيس داخل ڪرايو ۽ شاهدن جي بيانن ۾ به تضاد آهي.

عدالت، ماتحت عدالت جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي جوابدار  ولي محمد کي بري ڪري ڇڏيو. ……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*