گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل لبيا ۾ جاري جنگ جي فوجي حل جي مخالفت ڪري ڇڏي

گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل لبيا ۾ جاري جنگ جي فوجي حل جي مخالفت ڪري ڇڏي، گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته فوجي ڪارروائي سان لبيا مسئلي جو حل خطري ۾ پئجي ويندو.

گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل لبيا ۾جاري جنگ جي فوجي حل جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن پاران لبيا ۾ وڙهندڙ گروهن کي پر امن رهڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.

سلامتي ڪائونسل پاران طرابلس ۾ فوج جي حرڪت تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي.

گڏيل قومن چيو آهي ته فوجي ڪارروائي سان لبيا مسئلي جو حل خطري ۾ پوندو، لبيا مسئلي جي ذميوارن جو احتساب ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*