نيب حمزا شهباز جي محافظن خلاف مداخلت ۽ نيب ٽيم تي حملي جي الزامن هيٺ ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو

نيب لاهور حمزا شهباز جي محافظن خلاف سرڪار ڪم ۾ مداخلت ۽ نيب ٽيم تي حملي جي الزامن هيٺ ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو.

 نيب اهلڪار ممتاز حسين جي درخواست تي ماڊل ٽائون ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو ويو.

 نون ليگ پاران به ماڊل ٽائون ٿاڻي تي نيب اهلڪارن جي  خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست جمع ڪرائي وئي آهي.

 نون ليگ موقف اختيار ڪيو ته نيب اهلڪارن سندن محافظن تي هٿيار تاڻيا، قتل  جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ 2 گارڊز کي گاڏي ۾ بند ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*