سکر ۾ ڏهين ڪلاس جو رياضي جو پرچو آئوٽ ٿيڻ بعد سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو

سنڌ جي مختلف شهرن ۾نائين ۽ ڏهين جي امتحانن ۾بدانتظامين ۽ ڪاپيءَ جو سلسلو جاري  آهي، سکر ۾ ڏهين ڪلاس جو رياضي جو پرچو آئوٽ ٿيڻ بعد سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي.

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نائين ۽ ڏهين  درجي جا سالياني امتحان جاري آهن، جنهن بعد تعليمي کاتي جي ڪاپي روڪڻ واريون دعوائون رڳو دعوائن تائين محدود ٿي ويون آهن.

مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي سالياني امتحان دوران شاگردن کي امتحاني مرڪزن تي موبائل کڻي اچڻ تي پابندي به لڳائي  وئي آهي.

سکر تعليمي بورڊ جي انتظامن هيٺ اڄ ٿيندڙ ڏهين ڪلاس جو رياضي جو پرچو شروع ٿيڻ کان اڳ ئي آئوٽ ٿي ويو، جيڪو سوش ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي.

ٻئي طرف ضلعي جي مختلف امتحاني مرڪزن تي به شاگردن پاران ڪاپي لاءِ موبائل توڙي گائيڊز جو استعمال به جاري آهي، جڏهن ته شاگرد ڪاپي ڪرڻ ۾ رڌل آهن.

ٻئي طرف انتظاميا دعويٰ ڪئي آهي ته ڪاپي روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*