ٺل ويجهو بنگلاڻي ۽ گورشاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان مارجي  ويو

ٺل ويجهو بنگلاڻي ۽ گورشاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان مارجي  ويو، پوليس چيو آهي ته ٻنهي ڌرين ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

مبارڪپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻيلو ڪٽو ۾ بنگلاڻي ۽ گورشاڻي برادرين جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو.

جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان محمد اسلم بنگلاڻي مارجي ويو، جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو.

اطلاع تي واقعي واري هنڌ پوليس پهچي مارجي ويل نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي برادرين وچ ۾ پراڻي تڪرار جهيڙو هلندڙ هو، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيو، جلد ڪيس  داخل ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*