ڏڪاريل ڏيهه ٿر ۾معصوم ٻار فوت ٿيڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، وڌيڪ 2 ٻار فوت ٿي ويا

ڏڪاريل ڏيهه ٿر ۾معصوم ٻار فوت ٿيڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، وڌيڪ 2 ٻار فوت ٿي ويا، هلندڙ سال دوران فوت ٿيل ٻارن جو تعداد وڌي 233 ٿي ويو آهي.

خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي سول اسپتال مٺي ۽ تعلقي اسپتال ننگرپارڪر ۾ وڌيڪ هڪ هڪ ٻار فوت ٿي ويو.

ٿر ۾غذائي کوٽ ۽ بيمارين وگهي هلندڙ سال دوران فوت ٿيل ٻارن جو تعداد وڌي 233 ٿي ويو آهي.

جڏهن ته مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٻارن جو وڏو تعداد ضلعي جي مختلف اسپتالن ۾ داخل آهي، جتي صحت سهولتن جي کوٽ سبب وارث پريشاني جو شڪار آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*