سکر ۾ سولنگي برادري پاران نوجوان جي قاتل جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

سکر ۾ سولنگي برادري پاران نوجوان جي قاتل جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين چيو ته قاتلن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

زليخان سولنگي، ماروي سولنگي، رياض، اڪبرعلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سولنگي برادري جي عورتن ۽مردن سيشن ڪورٽ ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي مظاهرين چيو ته  ڪجهه عرصو اڳ ڀرٽ هٿياربندن نوجوان سعيد خان سولنگي  کي گوليون هڻي قتل ڪيو ۽ مقتول جي ڀيڻ وسيما کي به هٿيارن جي زور تي اغوا ڪيو هو.

هنن چيو ته جوابدار اسحاق ڀرٽ ناري وسيما سان شادي ڪرڻ چاهي پيو، انڪار تي ناري جي ڀاءُ کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.

مظاهرين چيو ته نوشهروفيرز پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

مظاهرين مطالبو ڪيو ته اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺي جوابدار شرل ڀرٽ، ڪوبن ڀرٽ، اسماعيل ڀرٽ، عمر ڀرٽ ۽ ٻين خلاف قانوني ڪارروائي ڪن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*