دادو ۾ رات جي وقت مبينا طور اغوا ڪيل ناري کي گهر ٻاهران روڊ تان هٿ ڪيو ويو

دادو ۾ رات جي وقت مبينا طور اغوا ڪيل ناري کي گهر ٻاهران روڊ تان هٿ ڪيو ويو، وارثن جو چوڻ آهي ته ناري کي مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻائڻ  بعد جوابدار گهر ٻاهران اڇلائي فرار ٿي ويو، پوليس رپورٽ داخل ڪري  ناري کي سول اسپتال  موڪلي ڇڏيوآهي.

سوسائٽي پاڙي مان رات دير سان نوجوان ناري کي گهر مان مبينا طور جوبدار هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويو.

مبينا اغوا ڪيل ناري کي صبح جو گهر ٻاهران سوسائٽي واري روڊ تان هٿ ڪيو ويو.

بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس رپورٽ داخل ڪرڻ بعد ناري کي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ ليٽر ڏئي سول اسپتال موڪلي ڇڏيو.

وارثن جو چوڻ آهي ته مينا لڄالٽ بعد ناري کي جوابدارگهر آڏو روڊ تي اڇلائي فرار ٿي ويو آهي.

بي سيڪشن پوليس موجب رپورٽ داخل ڪري الزام هيٺ آيل جوابدار شھزاد زنئور ۽ ٻين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*