دوائن جي اضافي قيمت وصول ڪندڙ ڪمپنين تي ڏنڊ وڌو ويندو، ڊاڪٽر عامر ڪياني

صحت واري وفاقي وزير ملڪ اندر دوائن جي اگهن ۾ واڌ واري معاملي جو  نوٽيس ورتو، ڊريپ ترجمان چيو آهي ته ڊرگ ريگوليٽر اٿارٽي دوائون ٺاهيندڙ 31 ڪمپنين خلاف ڪارروائي ڪئي آهي.

صحت واري وفاقي وزير ملڪ اندر دوائن جي اگهن ۾ واڌ واري معاملي جو  نوٽيس ورتو  آهي.

ڊاڪٽر عامر ڪياني چيو ته ڀڃڪڙي ڪندڙ ڪمپنين تي ڊرگ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويندا.

ٻئي طرف، ڊريپ ترجمان چيو ته ڊرگ ريگوليٽر اٿارٽي دوائون ٺاهيندڙ 31 ڪمپنين خلاف ڪارروائي ڪئي آهي.

ڊريپ ترجمان موجب، وڌيڪ اگهه وصول ڪندڙ 143 ڪمپنين جون دوائون به قبضي ۾ ورتيون ويون آهن.

ڊريپ ترجمان چيو ته دوائن جي اضافي قيمت وصول ڪندڙ ڪمپنين تي ڏنڊ وڌو ويندو، جڏهن ته ڪمپنين جي پيداوار به بند ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*