عمران خان بلڪل صحيح چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جو نظريو هڪ ئي آهي،  خورشيد شاهه

پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته عمران خان بلڪل صحيح چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جو نظريو هڪ ئي آهي، نيب کي رڳو سياستدان ئي ڪرپٽ نظر اچي رهيا آهن، ٻين ڪرپٽ ماڻهن خلاف ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي.

سکر ۾ ڳالهائيندي خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي 50 سالن کان انتقام برداشت ڪري پئي،  سٺا رانديگر سليڪٽ ناهن ڪيا ويا، سليڪٽرن کان هن ڀيري وڏي غلطي ٿي وئي آهي.

هن چيو ته نيب جي نظر ۾ رڳو سياستدان ئي ڪرپٽ آهي، ٻين ڪرپٽ ماڻهن خلاف ڇو ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي.

خورشيد شاهه چيو ته نيب ڪرپشن روڪڻ لاءِ قائم ڪئي وئي هئي پر حڪومت ۾ ٻه ڪرپٽ ماڻهون اڃا به موجود آهن.

هن چيو ته پيپلزپارٽي ته 50 سالن کان انتقام جي نشاني تي آهي، پر هاڻ شهباز شريف ۽ نواز شريف کان پوءِ حمزه شريف نيب جي نشاني تي آهي.

هن چيو ته افتخار چوڌري چيو هو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪيس ختم ڪندس پر ائين ٿي نه سگهيو، جڏهن ته عمران خان ۽ ايم ڪيو ايم جو نظريو هڪ ئي آهي.

خورشيد شاهه چيو ته عوام جا مسئلا ڪهڙا آهن، ان بابت حڪمران بيخبر آهن، 7 مهينن ۾ بجلي گئس ۽ دوائون جا اگهه چوٽ چڙهيل آهن

هن چيو ته ڪي پي ڪي اسپيڪر چوي ٿو ته مهانگائي ٿي آهي ته ٻن جي بدران هڪ ماني کاڌي وڃي، اسپيڪر صاحب پهرين اوهان هڪ ماني تي گذارو ڪيو.

خورشيد احمد شاهه چيو ته ايمانداري سان پوري قوم حڪومت مان مايوس آهي، دعاگو آهيون الله سائين عمران خان جي شر سان پاڪستان کي بچائي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*